قومي اسيمبلي ۾ ن ليگ جي طلال چوڌري پاران ريحام خان بابت تقرير تي تحريڪ انصاف پاران علامتي واڪ آئوٽ ڪيو ويو

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ن ليگ جي طلال چوڌري پاران  ريحام خان بابت تقرير تي تحريڪ انصاف  پاران علامتي واڪ آئوٽ ڪيو ويو، پ پ ميمبرز جو چوڻ آهي ته آصف علي زرداري جي بيانن جي مذمت ڪئي وئي، امپائرن سان نه پر ن ليگ وارن کان شڪايت ضرور آهي، جنرلن خلاف ڳالهائيندڙ اڄ انهن جو دفاع ڪري رهيا آهن.

قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ آصف علي زرداري جي تقرير سميت ٻين معاملن تي بحث ڪيو ويو.

پيپلزپارٽي جي ميمبر نفيسه شاهه چيو ته ن ليگ جي حڪومت رڳو روڊ ٺاهڻ ۾ پوري آهي، وفاق کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا ويا، حڪومت کي رڳو ٽن صوبن ۾ برايون نظر اچن پيون ۽ پنجاب کي پاڪ سمجهي پئي.

نفيسه شاهه سوال ڪيو ته ڇا چائنه ڪٽنگ، دهشتگردي ۽ ٻيا ڏوهه رڳو سنڌ، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ ٿي رهيا آهن، ڇا پنجاب ان سڀني برائين کان پاڪ آهي؟.

نفيسا شاهه چيو ته اڄ ڪلهه شينهن ڪافي شور ڪري رهيا آهن ۽ ايوان گونجي رهيو آهي، انجو ڪريڊٽ به بينظير ڀٽو ڏانهن وڃي ٿو، جيڪڏهن آصف علي زرداري ۽ بينظير ڀٽو نه هجن ها ته شينهن نظر ئي نه اچن ها.

هن چيو ته ٽيون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ جي شرط به پ پ ختم ڪئي، ماڻهن اليڪشن جا بائيڪاٽ ڪيا پر بينظير ڀٽو جي شهادت بعد آصف علي زرداري بائيڪاٽ ختم ڪرايا.

نفيسه شاهه چيو ته آصف علي زرداري جي تقرير جي مذمت ڪئي پئي وڃي، امپائرز جي ساٿين کان ڪا گـِلا ناهي پر ن ليگ وارن کان شڪايت ضرور آهي، جنرلن خلاف ڳالهائيندڙ ن ليگ وارا اڄ انهن جو دفاع ڪن پيا.

ايوان ۾ ن ليگ جي ميمبر طلال چوڌري اين اي هڪ سئو 22 تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي اسپيڪر چيو ته هو هن ڪيس ۾ ڌر آهي ۽ عدالتي معاملن تي ايوان ۾ بحث نه ڪيو وڃي.

اسپيڪر جي روڪڻ تي طلال چوڌري چيو ته توهان ڀلي سيٽ تبديل ڪيو پر هـُو ڳالهائيندو رهندو، جنهن بعد سردار اياز صادق سيٽ تبديل ڪري ڊپٽي اسپيڪر حوالي ڪئي.

ن ليگ جي طلال چوڌري چيو ته عمران خان کي هميشه شڪست ٿي آهي، اين اي 122 جو فيصلو ايندو پوءِ سندس هارائڻ جي هيٽرڪ مڪمل ٿيندي.

طلال چوڌري چيو ته کيس خبر آهي ته اين اي 125 جو فرمائشي فيصلو ڪنهن ڏياريو، اهو ٻڌايو وڃي ته فيصلو مقرر ڪيل تاريخ جي چئن ڏينهن بعد ڪيئن آيو.

ن ليگ اڳواڻ چيو ته ريحام خان ڪي پي ڪي حڪومت جي هيليڪاپٽرز کي رڪشائن وانگر استعمال ڪري رهي آهي، خانداني سياست جي مخالفت ڪندڙ پرويز خٽڪ جو سمورو خاندان اسيمبلي ۾ ويٺل آهي.

طلال چوڌري جي تقرير بعد تحريڪ انصاف جي ميمبرز احتجاج ڪندي واڪ آئوٽ ڪيو.

 پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو ته جمهوريت سان ئي پاڪستان جو وجود آهي، ايوان ۾ ماءُ ۽ ڀينرن کي نه آڻڻ گهرجي، طلال چوڌري جا لفظ ايوان جي ڪارروائي مان حذف ڪيا وڃن.

ايم ڪيو ايم ميمبرز به بائيڪاٽ ختم ڪري خاموشي سان ايوان ۾ ويهي رهيا.

آصف حسنين چيو ته جيستائين خواجه آصف معافي نه وٺندو، هـُو واڪ آئوٽ جاري رهندا، کين بکايل ۽ مکي سڏيو وڃي ٿو.

آصف حسنين جي تقرير بعد متحده جا ميمبرز ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*