اسپين جي هڪ عدالت برازيلي اسٽار فٽبالر ۽ بارسلونا جي ٽيم جي اسٽرائيڪر نيمار خلاف فراڊ جو ڪيس هلائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

اسپين جي هڪ عدالت برازيلي اسٽار فٽبالر ۽ بارسلونا جي ٽيم جي اسٽرائيڪر نيمار خلاف فراڊ جو ڪيس هلائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

عدالت ڪجهه هفتا پهرين سندس ڪلب خلاف به ڪيس شروع ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

ذريعن مطابق نيمار کي بارسلونا 2013۾ پنج ڪروڙ 71 لک يورو عيوض مهادو ڪيو هو۽ نيمار پنهنجي شاندار ڪارڪردگي سبب چيمپيئن ليگ ۽ لا ليگا ٽورنامنٽ ۾ ٽيم کي فتح ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو.

عدالتن جو خيال آهي ته بارسلونا جي ٽيم نيمار سان مهادو ڪرڻ خاطر پنج ڪروڙ 71 لک يورو نه پر ان کان وڌيڪ رقم ڏني آهي.

برازيل ۾ هڪ سرماياڪاري واري اداري وٽ نمار جي ٽراسفر جا 40 سيڪڙو حق آهن ۽ سندن چوڻ آهي ته ساڻن فراڊ ڪيو ويو آهي،جنهن سبب کين لکين يورو جو نقصان ٿيو آهي.

جاچ ڪندڙ اداري جو الزام آهي ته بارسلونا نيمار کي 8 ڪروڙ 30 لک يورو جي رقم ادا ڪئي آهي ۽ اعلان صرف پنج ڪروڙ 71 لک يورو جو ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته بارسلونا فٽبال ڪلب سان مهادو ڪرڻ بعد پيدا ٿيل الزامن جي نتيجي ۾ ڪلب جي ان وقت جي صدر سيندرو روسيل گذريل سال جنوري ۾ پنهنجي عهدي تان استعفيٰ ڏني هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*