سنڌ اسيمبلي ۾ حڪومتي ۽ مخالف ڌر ميمبرن پاران قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ خواجه آصف تي سخت تنقيد ڪئي وئي

 سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ تي بحث دوران حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ بچاءُ واري وزير خواجه آصف تي سخت تنقيد ڪئي، جڏهن ته متحده ميمبرن خواجه آصف خلاف مذمتي ٺهراءُ جي اجازت نه ملڻ تي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو.

 سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران متحده جي محمد حسين، خواجه آصف خلاف مذمتي ٺهراءُ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اسپيڪر پاران اجازت نه ڏيڻ تي متحده ميمبرن ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو.

متحده قومي موومينٽ جي پونجو مل ڀيل چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا کين نه ڊيڄارين، جيڪڏهن اردو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ گڏجي وڃن ته ڪير به ڪجهه نٿو بگاڙي سگهي.

 هن چيو ته ٿر جي عورتن جي ڊليوري جي نالي تي توهين ڪئي وئي ۽ ٿر جا ماڻهو اڄ به پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهن.

پونجو مل ڀيل چيو ته سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ نوڪرين جا دڪان کليل آهن ۽ چوپايو مال وڪرو ڪري نوڪريون وٺندڙ نوجوانن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي.

  نوازليگ جي اعجاز شاهه شيرازي چيو ته بجيٽ ۾ سنڌ جي عوام لاءِ ڪجهه به نه رکيو ويو آهي پر کين ٿيلها ۽ ڪتاب سٺا مليا آهن.

 هن چيو ته انور مجيد جي ڪمپني ٻيلن مان ماڻهن کي لڏائي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.

 اعجاز شاهه شيرازي چيو ته لاڙڪاڻي تي 60 ارب رپيا خرچ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي پر اتي اڄ به گٽر اٿليا پيا آهن ۽ روڊن جي حالت به انتهائي خراب آهي.

 ايم ڪيو ايم جي رئوف صديقي چيو ته خواجه آصف قومي اسيمبلي ۾ فوج کي تمام گهڻو ڳالهايو پر نوازشريف ان کي ڄاڻي واڻي بچاءُ وارو وزير ڪيو ته جيئن فوجي ان کي سلام ڪن.

  رئوف صديقي چيو ته وفاقي حڪومت 5 ۽ سنڌ حڪومت سندن لاءِ 2 هڙتالن جي راند آهي ۽ وفاق ڪراچي کي تحفا نه پر پنهنجو حق ڏي.

 رئوف صديقي چيو ته بلديا فيڪٽري هڪ جرمن ڪمپني وٽ انشورنس ٿيل هئي، جنهن کي فوتين جي وارثن کي هڪ ارب ڊالرز ڏيڻا هئا پر ڪمپني کي بچائڻ لاءِ جاچ جو رخ تبديل ڪري ان کي اتفاقي واقعي بدران ڏوهه قرار ڏنو ويو.

  نوازليگ جي سورٺ ٿيٻو چيو ته سنڌ ۾ اسڪول بند پيل آهن، اسپتالن ۾ دوائون نه آهن ۽ روڊن جي حالت خراب آهي پر ان باوجود سنڌ سرڪار بي حساب غيرترقياتي خرچ ڪري رهي آهي.

سورٺ ٿيٻو چيو ته جيڪڏهن صوبي ۾ ترقي ٿي آهي ته نوجوان آپگهات ڇو پيا ڪن.

 پ پ جي شميم ممتاز چيو ته آصف زرداري اداري کي نه پر ڪجهه جنرلز کي ڳالهايو هو ۽ هو جنرلن جا ڏنگيل آهن.

 بجيٽ بحث دوران رفيق ٻانڀڻ، ناهيد بيگم ۽ ٻين ميمبرن ترقياتي اسڪيمن ۾ نظر انداز ڪرڻ جون شڪايتون ڪيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*