سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ سميت ٻين صوبن ۾ عرب شهزادن کي پکين جي شڪار جي اجازت ڏيڻ تي گهرو وزارت سميت ٻين عملدارن کي نوٽس جاري ڪري ڇڏيا

سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن  ۾ عرب شهزادن کي پکين جي شڪار جي اجازت ڏيڻ خلاف درخواست تي پرڏيهي  ۽ گهرو وزارت سميت مختلف عملدارن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ دبئي، قطر ۽ بحرين جي شهزادن کي پکين جي شڪار جي  اجازت ملڻ خلاف  درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

وارهه واسي لال خان چانڊيو سنڌ هاءِ ڪورٽ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته قمبر جي غيبي ديري، وارهه جي ميرپور يوسي ، پنجاب ، سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ عرب شهزادن کي منع ٿيل علائقن ۾ شڪار جي اجازت ڏني وئي آهي.

هن درخواست ۾ اهو به ڄاڻايو آهي ته اڳ ۾ پکين جي شڪار جي اجازت نه  هئڻ وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو پر بعد هڪ ٻيو نوٽيفڪيشن جاري ڪري عرب شهزادن شڪار جي اجازت ڏني وئي.

عدالت اهڙي درخواست تي پرڏيهي،  ۽ گهر وزارت سميت چيف سيڪريٽري سنڌ، آءِ جي سنڌ ۽ ٻيلي کاتي جي سيڪريٽري کي 2 ڊسمبر تائين جواب داخل ڪرائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*