سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پ پ جي سينيئر اڳواڻن کي اڄ شام وزيراعليٰ هائوس سڏائي ورتو

سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پ پ جي سينيئر اڳواڻن کي اڄ شام وزيراعليٰ هائوس سڏائي ورتو آهي، جڏهن ته وڏي وزير جي صدارت هيٺ پ پ جو پارلياماني اجلاس ٿيو آهي.

وڏي وزير جي صدارت هيٺ وزير اعليٰ هائوس ۾ پ پ جي سينيئر اڳواڻن جو اجلاس اڄ شام ٿيندو، جنهن ۾ نثارکهڙو، سيد مراد علي شاهه، شرجيل ميمڻ، ڄام مهتاب ڏهر، منظور وساڻ ۽ ٻيا اڳواڻ شرڪت ڪندا.

اجلاس ۾ پ پ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٿيل فيصلن تي عملدرآمد ۽ موجوده سياسي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويندو.

ان کان اڳ سنڌ اسيمبلي ۾ وڏي وزير جي صدارت هيٺ پ پ جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آصف زرداري جي تقرير کان پوءِ پيدا ٿيل صورتحال سميت ڪراچي آپريشن تي غور ويچار ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*