اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سمورنَ پارلياماني اڳواڻن کي سڀاڻي افطار تي سڏائي ورتو

پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، سمورنَ پارلياماني اڳواڻن کي سڀاڻي افطار تي سڏائي ورتو آهي، وزيراعظم نواز شريف کي شرڪت جي دعوت ڏيڻ جو فيصلو ناهي ٿي سگهيو.

 ذريعن موجب، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سڀاڻي پارليامينٽ ۾ موجود اڳواڻن کي سڀاڻي سڏائي ورتو آهي.

آصف علي زرداري پاران سياسي پارٽي جي اڳواڻن لاءِ افطار جو بندوبس پڻ ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب، تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان، اي اين پي سربراهه اسفند يار ولي، مولانا فضل الرحمان سميت ٻين کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي.

ذريعن موجب، وزيراعظم نواز شريف کي افطار ۾گهرائڻ جو فيصلو ناهي ٿي سگهيو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف علي زرداري موجوده صورتحال تي پڻ پارلياماني اڳواڻن کي اعتماد ۾ وٺندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*