وفاقي سرڪار اين جي اوز جي رجسٽريشن لاءِ اليڪٽرانڪ سسٽم متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو

وفاقي سرڪار، ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ پرڏيهي اين جي اوز جي رجسٽريشن لاءِ اليڪٽرانڪ سسٽم متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو، وزارتي ڪميٽي اين جي اوز جي رجسٽريشن جو ڪم وفاقي گهرو وزارت حوالي ڪرڻ سميت ٻيون سفارشون وزير اعظم ڏانهن اماڻي ڇڏيون آهن.

وزير اعظم نواز شريف پاران ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ اين جي اوز جي ٻيهر رجسٽريشن  بابت ست رڪني بين الوزارتي ڪميٽي جوڙي هئي.

ڪميٽي وزير اعظم نواز شريف ڏانهن اين جي اوز جي ٻيهر رجسٽريشن جي حوالي سان سفارشون اماڻي ڇڏيون آهن.

ڪميٽي موجب، ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ ڏيهي توڙي پرڏيهي اين جي اوز جي رجسٽريشن معطل ڪري ٻيهر رجسٽريشن لاءِ اليڪٽرانڪ سسٽم متعارف ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ڪميٽي وزير اعظم کي سفارش ڪئي آهي ته “ســـــــيو دي چلڊرين” سميت 9 پرڏيهي اين جي اوز کي ٻيهر رجسٽريشن ڪرائڻ جو پابند بڻايو وڃي.

ڪميٽي موجب، اين جي اوز جي رجسٽريشن لاءِ پهرين مرحلي ۾ اسڪريننگ ڪئي ويندي، جڏهن ته آن لائين رجسٽريشن لاءِ 45 ڏينهن ۾ ڇنڊڇاڻ مڪمل ٿي ويندي.

اين جي اوز جي رجسٽريشن لاءِ 10 ڏينهن اندر نئون فارم جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪندي بين الوزارتي ڪميٽي سفارشون وزيراعظم ڏانهن موڪلي ڇڏيون آهن.

ڪميٽي سفارش ڪئي آهي ته ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ پرڏيهي اين جي اوز جي رجسٽريشن وارو معاملو گهرو  کاتي حوالي ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*