سپريم ڪورٽ اين اي 19 تي پي ٽي آءِ جي درخواست منظور ڪندي ٻيهر ننڍي چونڊ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ، هري پور جي تڪ اين اي 19 تي پي ٽي آءِ جي نظر ثاني درخواست منظور ڪندي ٻيهر ننڍي چونڊ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

جسٽس جواد ايس خواجه جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ پي ٽي آءِ اميدوار راجا عامر جمال جي نظرثاني واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

اين اي 19 هري پور تي تحريڪ انصاف جي اميدوار راجا عامر زمان نون ليگ جي  عمر ايوب جي ڪاميابي کي چيلينج ڪيو هو.

سپريم ڪورٽ، اين اي 19 تي ٻيهر ننڍي چونڊ ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته اليڪشن ٽربيونل تحريڪ انصاف جي اميدوار راجا عامر زمان جي نظر ثاني واري درخواست رد ڪري ڇڏي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*