لاهور هاءِ ڪورٽ ماڊل ايان علي جي ضمانت واري درخواست تي وفاقي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

لاهور هاءِ ڪورٽ، ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ۾ گرفتار ماڊل گرل ايان علي جي ضمانت واري درخواست تي وفاقي حڪومت ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 26 جون تي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عبدالسميع خان تي ٻڌل بينچ ماڊل ايان علي جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي جي شروعات ۾ جسٽس عبدالسميع خان ايان علي جي وڪيل کي چيو ته هن درخواست کي ڪسٽم ايڪٽ تحت نٿو ٻڌي سگهجي، ان ڪري فوجداري ايڪٽ تحت درخواست داخل ڪرايو.

عدالتي حڪم بعد ايان علي جي وڪيل درخواست مان ڪسٽم ايڪٽ ختم ڪري فوجداري ايڪٽ تحت ٻيهر درخواست ڏني، جنهن بعد هن دليل ڏيندي چيو ته ايان علي مٿان مني لانڊرنگ جا الزام بي بنياد آهن.

وڪيل خرم کوسا چيو ته ايان علي کي ايئرپورٽ جي جنهن هنڌ تان گرفتار ڪيو ويو، اهو مسافرن جي حدن ۾ نٿو اچي، جڏهن ته ايان علي پاسپورٽ ۽ بورڊنگ پاس وارن مرحلن مان به نه گذري ٿئي.

هن عدالت کي استدعا ڪئي ته ايان علي جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

لاهور هاءِ ڪورٽ، اهڙي درخواست تي وفاقي حڪومت ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 26 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*