اليڪشن ڪميشن جي حڪمن بعد ريٽرننگ آفيسرن جاچ لاءِ عمران خان ۽ اياز صادق کي 20 نومبر تي گهرائي ورتو

اليڪشن ڪميشن جي حڪمن بعد، ريٽرننگ آفيسرن لاهور جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي هڪ سئو 22 جي رڪارڊ جي جاچ پڙتال لاءِ عمران خان ۽ اسپيڪر اياز صادق کي 20 نومبر تي گهرائي ورتو آهي.

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان پاران اليڪشن ڪميشن ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي تڪ اين اي هڪ سئو 22 تي رڪارڊ جي جاچ پڙتال جي درخواست ڏني هئي.

اهڙي درخواست بعد، اليڪشن ڪميشن ريٽرننگ آفيسر کي رڪارڊ جي جاچ پڙتال جو حڪم ڏنو هو.

ريٽرننگ آفيسرن رڪارڊ جي جاچ پڙتال لاءِ عمران خان ۽ سردار اياز صادق کي نوٽيس جاري ڪندي 20 نومبر تي ٻنهي کي طلب ڪيو آهي.

اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته 20 نومبر تي رڪارڊ جي جاچ پڙتال ۽ ڪائونٽر چيڪنگ ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*