اسلام آباد جي عدالت غازي رشيد قتل ڪيس ۾ پرويز مشرف جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد جي مقامي عدالت، غازي عبدالرشيد قتل ڪيس ۾ اڳوڻي آمر پرويز مشرف جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪندي کيس 24 جولاءِ تي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت ريمارڪس ۾ چيو آهي ته مشرف پيش نه ٿيو ته ضامنن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج مفتي بشارت، لال مسجد جي نائب خطيب غازي عبدالرشيد قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻـُڌڻيءَ دوران پرويز مشرف جي وڪيل پاران هڪ ڀيرو ٻيهر سڪيورٽي سببن ۽ صحت ۾ سڌارو نه هئڻ جو ڪارڻ ڄاڻائي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست ڏني.

سرڪاري وڪيل مشرف جي درخواست جي مخالفت ڪندي چيو ته هر ڀيري ساڳي درخواست ڏني پئي وڃي، عدالت کي استدعا آهي ته جوابدار کي طلب ڪيو وڃي.

عدالت، پرويز مشرف جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪندي سندس ٻيهر گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

عدالت ريمارڪس ۾ چيو آهي ته پرويز مشرف کي گرفتار ڪري 24 جولاءِ تي پيش ڪيو وڃي، جوابدار پيش نه ٿيو ته سندس ضمانت ڏيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

واضح رهي ته عدالت 2 اپريل تي به پرويز مشرف جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري چڪي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*