بئريسٽر ظفر الله ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ پرڏيهي اين جي اوز تي پابندي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

قومي وطن پارٽي جي اڳواڻ بئريسٽر ظفر الله ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ پرڏيهي اين جي اوز تي پابندي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پرڏيهي اين جي اوز پاڪستان خلاف ڪم ڪري رهيون آهن.

قومي وطن پارٽي جي بئريسٽر ظفر الله سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ پرڏيهي اين جي اوز خلاف پٽيشن داخل ڪرائي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ پرڏيهي اين جي اوز پاڪستان خلاف ڪم ڪري رهيون آهن.

بئريسٽر ظفر الله چيو ته وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان جو اين جي اوز بابت بيان اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهي.

درخواست ۾ استدعا ڪئي ويئ آهي ته ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ پرڏيهي اين جي اوز خلاف ڪارروائي ڪري مٿن پابندي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*