پهرين ڏينهن جي راند نه ٿيڻ سبب ميچ جو نتيجو نڪرڻ جو امڪان گهٽ آهي، مصباح الحق

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق چيو آهي ته پهرين ڏينهن جي راند نه ٿيڻ سبب ميچ جو نتيجو نڪرڻ جو امڪان گھٽ آهي پر ان هوندي به سندن ڪوشش آهي ته ميچ ۾ واپسي ڪجي.

سري لنڪا جي شهر گال ۾ جاري ٽن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ٽِيسٽ ميچ جاري آهي.

پهرين ڏينهن مسلسل برسات سبب راند نه ٿي سگهي، جنهن سبب پهرين ڏينهن جي راند کي منسوخ ڪيو ويو.

ٻئي ڏينهن ميزبان ٽيم 64 اوورس ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 178رنز اسڪور ڪيون هيون.

قومي ٽيم جي ڪتپان مصباح الحق جو چوڻ آهي ته پهرين ڏينهن فاسٽ بالرز وڪيٽ مان فائدو نه ورتو،جنهن سبب ميزبان ٽيم کي جلدي آئوٽ ڪرڻ ۾ ناڪام رهياسين.

هن چيو ته سندن ڪوشش هوندي ته سري لنڪن ٽيم کي جلدي آئوٽ ڪري وڏو اسڪور ڪجي.

مصباح الحق جو وڌيڪ چوڻ هو ته ٽيم جي فيلڊنگ ساراهه جوڳي نه رهي ،جنهن سبب ڪيتريون ئي ڪيچز ڊراپ ٿيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*