بدعنواني جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل ممتاز زرداري کي 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪيو ويو

ڪراچي جي احتساب عدالت سجاول جي اڳوڻي ٽي ايم او ۽ سيوهڻ مان گرفتار ڪيل ٽي ايم اي جي ٽن عملدارن کي 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

گذريل ڏينهن سيوهڻ ۾ نيب جي ڪارروائي دوران گرفتار ڪيل ٽي ايم اي جي ٽن عملدارن، ظهور شاهاڻي، ادريس ۽ رحمت الله ميمڻ کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

نيب جي درخواست تي عدالت ٽنهي جوابدارن کي جسماني رمانڊ تي 14 ڏينهن لاءِ نيب حوالي ڪيو.

ٽنهي عملدارن کي گذريل ڏينهن ڪروڙين روپين جي بدعوانين جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو هو.

بدعنواني جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل سجاول جي اڳوڻي ٽي ايم او ممتاز زرداري کي به احتساب عدالت پيش ڪيو ويو، جنهن کي  پڻ 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*