ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته پيپلز پارٽي قومي ادران تي تنقيد ڪرڻ بدران سنڌ حڪومت جي ناقص گورنس جي بهتري تي ڌيان ڏي

ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته پيپلز پارٽي قومي ادران تي تنقيد ڪرڻ بدران سنڌ حڪومت جي ناقص گورنس جي بهتري تي ڌيان ڏي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي پاڪ فوج تي تنقيد نه ڪرڻ گهرجي ها.

هن چيو ته قومي ادارن تي تنقيد سان شرپسندن کي فائدو ٿيندو، نون ليگ قومي ادارن کي مضبوط ڪرڻ چاهي ٿي.

خواجه سعد رفيق چيو ته  آصف علي زرداري ٻين تي تنقيد ڪرڻ بدران پنهنجي صوبائي حڪومت جي ڪارڪردگي سڌاري.

وفاقي وزير چيو ته سنڌ جي سرڪاري کاتن ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ٿي رهي آهي.

خواجه سعد رفيق چيو ته آصف زرداري کي قومي ادارن تي تنقيد ڪرڻ کان اڳ سوچڻ گهرجي ها، پاڪ فوج تي تنقيد سان دشمنن کي فائدو ٿيندو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*