ايڪشن پلان تي عملدرآمد جا مثبت نتيجا ملي رهيا آهن، شهباز شريف

پنجاب جَي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته ايڪشن پلان تي عملدرآمد جا مثبت نتيجا ملي رهيا آهن، صوبي ۾ امن جي بحالي لاءِ جدوجهد جاري رکي ويندي.

لاهور ۾ جرمني جي سفير جَي وفد پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ترقياتي رٿائن سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

شهباز شريف چيو ته گئس سان ڇٽيهه سئو ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي.

هن چيو ته پنجاب ۾ توانائي منصوبا لڳائي بجلي جي لوڊشيڊنگ جو هميشهه لاءِ خاتمو آندو ويندو.

شهباز شريف وڌيڪ چيو ته قومي ايڪشن پلان جا مثبت نتيجا ملي رهيا آهن، امن عمل ۾ رڪاوٽ بڻجندرن کي ڪنهن صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*