فيصل آباد جي جهنگ روڊ تي اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا

فيصل آباد جي جهنگ روڊ تي اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾  3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا آهن، پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي.

فيصل آباد جي جهنگ روڊ تي ڪار سوار هٿياربندن ڌڳ ويندڙ شهرين تي فائرنگ ڪري ڏني.

گوليون لڳڻ جَــــي نتيجي ۾ عامر نالي شخص سميت ٽي شهري تڏي تي مارجي ويا، جڏهن ته ٻه زخمي ٿي پيا.

اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن ڪيو، پر ڪا گرفتاري عمل ۾ نه آئي.

امدادي رضاڪارن مقتولن جا لاش ۽ زخمين کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو، جتي زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي.

پوليس موجب، واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*