وزيراعظم نواز شريف بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اهم اجلاس سڏائي ورتو

وزيراعظم نواز شريف جي هدايتن باوجود رمضان شريف ۾ سڄي ملڪ اندر اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي، ان حوالي سان وزيراعظم نواز شريف اڄ اهم اجلاس سڏائي ورتو آهي، جنهن دوران پاڻي ۽ بجلي واري وزارت پاران رپورٽ پيش ڪئي ويندي.

حڪومتي دعوائن باوجود رمضان ۾ روزي کولڻ، روزي رکڻ ۽ تراويح نماز دوران اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي.

وزيراعظم، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پاڻي ۽ بجلي واري وزارت جو اهم اجلاس سڏائي ورتو آهي.

وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه آصف سميت ٻيا لاڳاپيل عملدار شرڪت ڪندا.

 ذريعن موجب، پاڻي ۽ بجلي واري وزارت پاران وزيراعظم کي ملڪ ۾ بجلي جي گهرج ۽ پيدوار بابت بريفنگ ڏني ويندي، جڏهن ته وزيراعظم کي لوڊشيڊنگ جي ڪارڻ کان به آگاهه ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*