شهيد بينظير ڀٽو جي 62 هين سالگرهه سڀاڻي ملهائي پئي وڃي

شهيد بينظير ڀٽو جي 62 هين سالگرهه سڀاڻي ملهائي پئي وڃي، نئين ديري ۾ سينيئر اڳواڻن جو اجلاس ٿيندو، آصف زرداري ڪارڪنن کي رت جا عطيه ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي.

شهيد بينظير ڀٽو جي 62 هين سالگره جي موقعي تي پ پ ڪارڪن ڳڙهي خدا بخش پهچي مزار تي حاضري ڀريندا.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ شريڪ چيئرمين آصف زرداري جي صدارت هيٺ پ پ جو مرڪزي اجلاس نئين ديري هائوس ۾ ٿيندو.

اجلاس ۾ بختاور ڀٽو زرداري، وڏو وزير قائم علي شاهه، سينيٽر شيري رحمان ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيندا، خورشيد شاهه کي به خاص طور تي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ گهرايو ويو آهي.

اجلاس ۾ موجوده سياسي صورتحال تي غور ويچار سان گڏ سي اي سي اجلاس ۾ ٿيل فيصلن تي عملدرآمد بابت مشاورت ڪئي ويندي.

آصف زرداري سالگره جي موقعي تي پارٽي ڪارڪنن کي رت جا عطيه ڏيڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته گڏ ٿيندڙ رت دهشتگردن سان ويڙهه ڪندڙ فوجي جوانن لاءِ ڏنو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*