بجلي جي صورتحال بهتر بڻائي عوام جون ڏکيائون ختم ڪيون وڃن، وزيراعظم نواز شريف

 وزيراعظم نواز شريف، بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته بجلي جي صورتحال بهتر بڻائي عوام جون ڏکيائون ختم ڪيون وڃن، جڏهن ته پاڻي ۽ بجلي واري سيڪريٽري چيو آهي ته جيڪڏهن بجلي طلب گهٽ نه ٿي ته لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ ڏکيو هوندو.

اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف سان پاڻي ۽ بجلي واري سيڪريٽري يونس ڊاگا ملاقات ڪري بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ، بجلي جي طلب ۽ گهرج بابت بريفنگ ڏني.

وزيراعظم نواز شريف، بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پڇاڻو ڪيو ته سندس حڪمن باوجود رمضان ۾ بجلي بند ڇو ٿي رهي آهي.؟

پاڻي ۽ بجلي واري سيڪريٽري، وزيراعظم کي ٻڌايو ته ملڪ ۾ گرمي  ۽ بجلي جي طلب وڌڻ سبب  لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي ۽ بجلي جو شارٽ فال 5 هزار 900 ميگا واٽ تائين پهچي ويو آهي.

پاڻي ۽ بجلي واري سيڪريٽري وڌيڪ چيو ته اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪرڻ تي بجلي جي ورڇ ڪندڙ 5 ڪمپنين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.

هن ٻڌايو ته بجلي جي طلب گهٽ نه ٿي ته لوڊشيڊنگ جاري رهي سگهي ٿي.

ان موقعي تي وزيراعظم نواز شريف هدايت ڪئي ته بجلي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃن.

وزيراعظم نواز شريف چيو ته لوڊشيڊنگ گهٽتائي عوام جون ڏکيائون ختم ڪيون وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*