لاڙڪاڻي ويجهو سکر ايئرپورٽ باءِ پاس لاءِ 2 سال اڳ منظور ٿيل پل جو ڪم گذريل هڪ سال کان رولڙي جو شڪار ٿي ويو

لاڙڪاڻي ويجهو سکر ايئرپورٽ باءِ پاس لاءِ 2 سال اڳ منظور ٿيل پل ۽ دادو ڪينال جي ڪري ويل پل جو گذريل هڪ سال مان تعميراتي ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو، ڪيترن ئي ڳوٺن جو زميني رابطو ڪٽيل هجڻ ڪري رهواسي ٻيِڙين ذريعي شهرن ڏانهن وڃڻ تي مجبور آهن.

سکر ايئرپورٽ باءِ پاس لاءِ منظور ڪيل پل جو تعميراتي ڪم گذريل ٽن سالن کان رولڙي جو شڪار آهي، جنهن سبب ڪيترن ئي ڳوٺن جو زميني رابطو ڪٽيل آهي.

رڪ ريلوي اسٽيشن ڀرسان دادو ڪينال جي هڪ سال اڳ ڪري ويل پل جو به تعميراتي ڪم مڪمل ناهي ٿي سگهيو، ڀرپاسي جا هزارين ڳوٺاڻا شهرن ڏانهن وڃڻ لاءِ ٻيڙين ۾ سفر ڪرڻ تي مجبور آهن.

رهواسين جو چوڻ آهي ته پرونشل هاءِ وي انتظاميا پلن جو ڪم سست رفتاري سان ڪري رهي آهي، ڳوٺن لاءِ ڪو به متبادل رستو ناهي ٺاهيو ويو.

هنن چيو ته پليون تعمير نه ٿيڻ ڪري جهلي ڪلواڙي، مڱڻيجا، آئيجو ڳوٺ، جهني جي وانڍ سميت 10 کان وڌيڪ ڳوٺن جو زمين رابطو ڪٽيل آهي، جنهن ڪري هو ٻيڙين ذريعي شهرن ڏانهن وڃڻ تي مجبور آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*