سنڌ جي عوام جا اربين رپيا ڪرپشن جي ور چڙهي ويا آهن، شهريار مهر

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن بجيٽ تي بحث بدران هڪٻئي تي ڪرپشن جا الزام هنيا آهن، مخالف ڌر جي شهريار مهر چيو ته سنڌ جي عوام جا اربين رپيا ڪرپشن جي ور چڙهي ويا آهن، منظور وساڻ چيو آهي ته فنڪشنل ليگ وارا  زمينن تي قبضن ۽ ڀتي خوري ۾ ملوث آهن، جنهن جا وٽس ثبوت به آهن.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو آهي، مخالف ڌر جي شهريار مهر چيو ته ايندڙ مالي سال لاءِ مڪاني ادارن جي بجيٽ 52 ارب رپيا رکي وئي آهي، جيڪا عوام جي ڀلائي تي خرچ ٿيڻ بدران ڪرپشن جي ور چڙهي ويندي.

هن چيو ته سنڌ ۾ ٽي ايم او اليڪشن لاءِ جلسا ڪرائين ٿا ۽ اهي چونڊيل نمائندن کي پئسا به پهچائين ٿا.

شهريار مهر چيو ته پ پ وارا ڪرپشن جي ڪري جيل ويا ۽ سنڌ ۾ عوام جي ڀلائي بدران معزورن لاءِ نوڪريون به وڪرو ڪيون وڃن ٿيون.

شهر يار مهر ڪرپشن خلاف رينجرز ۽ نيب جي ڪارروائين جي آجيان ڪندي چيو ته سنڌ جي زراعت کي 58 ارب رپين جو نقصان ڏنو ويو آهي ۽ ڪرپشن ڪندڙن جو حساب ٿيڻ گهرجي.

صوبائي وزير منظور وساڻ بجيٽ تي بحث ڪندي چيو ته فنڪشنل ليگ وارن 2008ع جون چونڊون ٽي ايم اوز جي مدد سان وڙهيون.

هن چيو ته فنڪشنل ليگ وارن ضياءَ سهارو ڏنو، خيرپور، نارو ۽ ٻين علائقن ۾ زمينن توڙي پارڪس تي قبضا ڪري ڪروڙين رپيا هڙپ ڪيا ويا آهن.

هن چيو ته فنڪشنل ليگ وارا خيرپور ضلعي ۾ قادن واري، تجل ۽ سانوڻ گئس فيلڊ مان ڪروڙين رپيا ڀتو وصول ڪري ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ تي خرچ ڪن ٿا.

منظور وساڻ جي تقرير تي نصرت سحر عباسي سخت احتجاج ڪيو، جنهن دوران منظور وساڻ، شرجيل ميمڻ، مراد علي شاهه ۽ نصرت سحر عباسي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي.

ڊپٽي اسپيڪر نصرت سحر عباسي کي بار بار خاموش رهڻ جي تلقين ڪندي چيو ته هو پنهنجو روزو خراب نه ڪري، ڊپٽي اسيپيڪر ميمبرن کي چيو ته نصرت سحر عباسي کي روزو کولڻ لاءِ پاڻي ڏنو وڃي.

اجلاس دوران نواز ليگ جي امير حيدر شاهه شيرازي چيو ته ٻين علائقن جيان ٺٽي ضلعي ۾ به ڪرپشن چوٽ چڙهيل آهي.

متحده جي ظفر ڪمالي، وفاقي وزير خواجه آصف کي خواجه سرا ڪوٺيندي چيو ته سنڌ بجيٽ ۾ 40 سيڪڙو رقم رڳو عمارتن جي تعمير لاءِ رکي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*