توانائي بحران جي حل لاءِ جاري منصوبا جلد مڪمل ٿي ويندا، اسحاق ڊار

پاڪستان ۽ آمريڪا، اقتصادي ورڪنگ گروپ بحال ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته توانائي بحران جي حل لاءِ جاري منصوبا جلد مڪمل ٿي ويندا.

اسلام آباد ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار سان آمريڪي سفير رچرڊ اولسن ملاقات ڪئي، جنهن دوران توانائي منصوبن سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ملاقات دوران ورلڊ بينڪ ۽آءِ ايم ايف جي ايندڙ اجلاسن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاران پاڪ آمريڪا اقتصادي ورڪنگ گروپ بحال ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، جنهن جو اجلاس جلد گهرايو ويندو.

اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته آمريڪا سان اقتصادي ورڪنگ گروپ بحال ڪرڻ جي حوالي سان اتفاق ٿي ويو آهي، جلد اجلاس به سڏايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*