اڳوڻو صدر آصف علي زرداري اسلام آباد جو هنگامي دورو مڪمل ڪري ڪراچي پهچي رهيو آهي

اڳوڻو صدر آصف علي زرداري اسلام آباد جو هنگامي دورو مڪمل ڪري ڪراچي پهچي رهيو آهي، پيپلزپارٽي جو شريڪ چيئرمين سڀاڻي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي سالگرهه تقريب ۾ شرڪت ڪندو، جنهن بعد لاهور ويندو ۽ اهم اجلاسن جي صدارت ڪندو.

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو اسلام آباد جو هنگامي دورو اڄ مڪمل ٿي رهيو آهي، پيپلزپارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ اڄ شام ڪراچي پهچندو.

آصف علي زرداري جي ايندڙ ڏهن ڏينهن لاءِ سياسي مصروفيتن جو شيڊول تيار ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب، آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري سڀاڻي ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچندا، جتي هـُو محترمه بينظير ڀٽو جي سالگرهه ملهائيندا ۽ شهيدن جي مزارن تي حاضري پڻ ڀريندا.

شيڊول موجب لاڙڪاڻي جي مختصر دوري بعد آصف علي زرداري لاهور پهچندو، جتي سندس 5 ڏينهن سياسي سرگرميون جاري رهنديون.

آصف علي زرداري هن مهيني جي آخر يا جولاءِ جي شروعات ۾ آمريڪا جو دورو پڻ ڪندو پر دوري جا تفصيل اڃا تائين سامهون ناهن اچي سگهيا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*