قومي ٽيم جي بيٽنگ هڪ ڀيرو ٻيهر مايوس ڪيو آهي، جاويد ميانداد

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان جاويد ميانداد چيو آهي ته پهرين ٽيسٽ ميچ جي پهرين اننگ  ۾ سرفراز احمد ۽ اسد شفيق جي بيٽنگ سبب قومي ٽيم فالون آن کان بچي وئي جنهن بعد ميچ ڊرا ٿيڻ جو امڪان وڌي ويو آهي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي ڪپتان چيو ته قومي ٽيم جي بيٽنگ هڪ ڀيرو ٻيهر مايوس ڪيو آهي.

هن چيو ته برسات سبب ميچ متاثر ٿي، جنهن جو فائدو قومي ٽيم کي مليو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته قومي ٽيم جي اوپنرز جي آئوٽ ٿيڻ بعد اظهر علي۽ مصباح الحق جي جلدي آئوٽ ٿين بعد ٽيم مٿان دٻاءِ ٿيو ۽ ايئن محسوس ٿي رهيو هو ته شايد ٽيم کي فالون آن ٿئي پر سرفراز احمد ۽اسد شفيَق زميواراڻا بيٽنگ جومظاهرو ڪري ٽيم کي فالون آن کان بچائي ورتو آهي، جنهن بعد هاڻي ٽيم کي شڪست کان بچي وئي آهي۽ ميچ جي ڊرا ٿيڻ جو امڪان وڌي ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*