پاڪستاني طالبان ۽ حقاني نيٽ ورڪ نه رڳو پاڪستان پر آمريڪا سميت پوري خطي لاءِ خطرو آهن آمريڪي پرڏيهي ترجمان

 آمريڪا چيو آهي ته پاڪستاني طالبان ۽ حقاني نيٽ ورڪ نه رڳو پاڪستان پر آمريڪا سميت پوري خطي لاءِ خطرو آهن، دهشتگردن کي پناهه ڏيڻ بدران سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي آمريڪي پرڏيهي کاتي جَي ترجمان جَيف راٿڪِي چيو ته پاڪستان ۾ جيڪي به دهشتگرد تنظيمون موجود آهن، ان تنظيمن کي محفوظ پناهه گاهون نه ڏيڻ گهرجن.

هن چيو ته پاڪستاني طالبان ۽ حقاني نيٽ ورڪ سميت دهشتگرد تنظيمون پاڪستان ۽ آمريڪا سميت خطي لاءِ خطرو آهن، جن خلاف سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.

آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي به اهڙو پيغام ڏنو ويندو.

جَيف راٿڪِي چيو ته آمريڪا، سرتاج عزيز جَي بيان تي پاڪستاني سرڪار جي وضاحت جي آجيان ڪري ٿو، پاڪستان جي اعليٰ اختيارين آمريڪا کي ٻڌايو آهي ته سمورن دهشگردن خلاف ڪارروائي ڪرڻ حڪومت جي پاليسي آهي.

ياد رهي ته وزيراعظم نواز شريف جي صلاحڪار سرتاج عزيز بيان ڏنو هو ته جيڪي انتهاپسند پاڪستان جي لاءِ خطرو نه آهن، پاڪستان انهن کي نشانو ڇو بڻائي، جنهن جي پاڪستاني پرڏيهي کاتي وضاحت ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*