سري لنڪن ٽيم خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ جي ڪاميابي جو سمورو ڪريڊٽ نوجوان رانديگرن ڏانهن وڃي ٿو، مصباح الحق

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق جو چُوڻ آهي ته سري لنڪن ٽيم خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ جي  ڪاميابي جو سمورو ڪريڊٽ نوجوان رانديگرن ڏانهن وڃي ٿو.

سري لنڪا جي شهر گال ۾ کيڏي ويل پهرين ٽيسٽ ۾ميچ ۾ قومي ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد ميزبان ٽيم کي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽن ميچز تي ٻڌل سيريز ۾ ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ ميچ جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق چيو ته پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ اسد شفيق ، سرفراز احمد ۽ ذوالفقار بابر شاندار بيٽنگ ڪري ٽيم جي ڪاميابي جي بنياد وڌي.

هن چيوته سري لنڪن ٽيم جي بيٽنگ کي ٻين اننگ ۾ ياسرشاهه شاندار بالنگ سبب وڪيٽ تي بيهڻ نه ڏنو ۽ کين 206رنز اندر آئوٽ ڪرڻ ۾اهم ڪردار ادا ڪيو.

هن چيو ته ٻي اننگ ۾ احمد شهزاد ۽ محمد حفيظ گهربل ٽارگيٽ بغير نقصان تي پورو ڪري ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*