پاڪستان مان پرڏيهه ملڪن ۾ منشيات جي اسمگلنگ وڌي رهي آهي، اعزاز چوڌري

قومي اسيمبلي جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي آگاهي ڏيندي پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز ۽ سيڪريٽري اعزاز چوڌري چيو آهي ته پاڪستان مان پرڏيهه ملڪن ۾ منشيات جي اسمگلنگ وڌي رهي آهي، جنهن سبب ڪويت پاڪستانين لاءِ ويزا جاري ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، اي اين ايف کي ايئرپورٽ تي مضبوط ڪري منشيات کي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ جديد ٽيڪنالوجي مهيا ڪئي وڃي.

قومي اسيمبلي جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس چيئرمين اويس لغاري جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار سرتاج عزيز ۽ سيڪريٽري اعجاز چوڌري به شرڪت ڪئي.

 پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري ۽ سرتاج عزيز  پاڪ افغان لاڳاپن ۽ پرڏيهي ملڪن ۾ قيد پاڪستانين بابت ڪميٽي کي بريفنگ ڏني.

رڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري چيو ته مختلف جيلن ۾ هن وقت 8 هزار 5 سئو پاڪستاني قيد آهن، جن جي واپسي لاءِ ڪوششون جاري آهن.

پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته منشيات کڻي پرڏيهه ويندڙن جو انگ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي، ايئرپورٽ تي حڪومت منشيات جي اسمگلنگ جي روڪٿام کي يقيني بڻائي.

اعزاز چوڌري چيو ته هاڻي ته گڏيل عرب امارتن ۽ سعودي کان علاوه سريلنڪا ۾ به منشيات کڻي ويندڙ پاڪستانين جو انگ وڌي رهيو آهي.

 پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار سرتاج عزيز چيو ته منشيات جي ڪري ڪويت پاڪستانين کي ويزا جاري ڪرڻ بند ڪري ڇڏيا آهن.

سرتاج عزيز چيو ته 200 پاڪستانين مان 80 سيڪڙو ڊرگ ڪيسز ۾ ڪويت ۾ قيد آهن، اينٽي نارڪوٽس کي مضبوط ڪري منشيات جي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ ٽيڪنالوجي مضبوط ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*