ڪابل ۾ افغان پارليامينٽ جي اجلاس دوران طالبان دهشتگردن جا آپگهاتي حملا، 21 ڄڻا زخمي، فورسز 7 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو

ڪابل ۾ افغان پارليامينٽ جي اجلاس دوران طالبان دهشتگردن آپگهاتي حملا ڪيا آهن، هڪٻئي پٺيان 6 ڌماڪن کانپوءِ فائرنگ جو سلسلو ڪيترائي ڪلاڪ جاري رهيو، جنهن دوران فورسز سمورن 7 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته حملي ۾ 21 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

ڪابل ۾ افغان پارليامينٽ جو اجلاس جاري هو ته اوچتو هڪ زودار ڌماڪو ٿيو، جنهن بعد هڪٻئي پٺيان ڀرپاسي 6 وڌيڪ ڌماڪا ٿيا ۽ فائرنگ جو سلسلو شروع ٿي ويو.

رپورٽس موجب دهشتگردن ڌماڪن کانپوءِ پارليامينٽ ويجهو قائم يو ايس ايڊ جي عمارت تي قبضو ڪري ورتو ۽ اتان لڳاتار فائرنگ ڪندا رهيا.

ڌماڪي کانپوءِ افغان پارليامينٽ جي ايوان ۾ دونهون ڀرجي ويو، جنهن تي اسپيڪر کي ڪجهه سمجهه ۾ نه اچي رهيو هو پر ميمبرن ۾ ڀاڄ پئجي وئي.

ڌماڪن کانپوءِ هنگامي طور تي ميمبرن کي ايوان مان ٻاهر ڪڍيو ويو، ڌماڪن کانپوءِ هر طرف تباهي جا منظر نظر اچي رهيا آهن، گاڏيون تباهه ٿي ويون.

افغان طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد حملي جي ذميواري قبول ڪندي چيو آهي ته سندن حملي آورن آپگهاتي حملو ڪيو، جنهن جو مقصد نئين بچاءَ واري وزير جي حلف برداري کي نشانو بڻائڻ هو.

ڪيترن ئي ڪلاڪن جي فائرنگ بعد 7 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته حملي ۾ 21 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن ۾ 6 عورتون ۽ ٻار به شامل آهن.

افغان پارليامينٽ انتهائي سخت سڪيورٽي واري علائقي ريڊ زون ۾ قائم آهي، ان باوجود دهشتگرد هن علائقي ۾ مختلف وقتن تي حملا ڪندا رهن ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*