دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن آرمي چيف جنرل راحيل شريف

 پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف پينٽاگون جي دوري دوران امريڪي فوج جي اعليٰ عهديدارن سان ملاقات ڪئي آهي، ملاقات ۾ افغانستان مان امريڪي فوج جي واپسي ۽ اتر وزيرستان ۾ آپريشن ضربِ عضب سميت اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف امريڪي دفاعي اداري پينٽاگون جو دورو ڪيو، جتي امريڪي فوجي دستن کيس سلامي پيش ڪئي.

آرمي چيف جنرل راحيل شريف پينٽاگون ۾ امريڪي فوجي اختيارين سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل عاصم باجوا سميت پاڪستان جا فوجي عهديدار به  موجود  هئا.

آرمي چيف، امريڪي نائب دفاعي وزير رابرٽ ورڪ ۽ جنرل مارٽن ڊيمپسي، امريڪي جوائنٽ چيفس آف ڪميٽي جي چيئرمين ۽ امريڪي بحريا جي جونيئر ڪمانڊنٽ جوزف ايف ڊنوفرڊ سان به ملاقاتون ڪيون.

ملاقات دوران افغانستان ۾ دهشتگردي، افغانستان مان امريڪي فوج جي واپسي ۽ ڀارت سان ڇڪتاڻ وارن معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

آرمي چيف جنرل راحيل شريف رابرٽ ورڪ آڏو واضح ڪيو ته حقاني نيٽ ورڪ خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ وارو تاثر غلط آهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج سڀ کان وڌڪ قربانيون ڏنيون آهن.

عسڪري ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران پاڪستان جي فوجي اختيارين طرفان آپريشن ضربِ عضب دوران مليل ڪاميابين بابت امريڪي اختيارين کي آگاهه ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*