وزيراعظم نواز شريف ڪراچي ۾ گرمي سبب ٿيل جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪري ڇڏيو

وزيراعظم ميان نواز شريف ڪراچي ۾ گرمي سبب ٿيل جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي نيشنل ڊزازسٽر مينجمينٽ اٿارٽي کي هدايت ڪئي آهي ته عوام جي سهولت لاءِ بهترين قدم کنيا وڃن.

وزير اعظم ميان نواز شريف ڪراچي ۾ گرمي، گهُٽ ۽ ٻوسٽ سبب سوين ماڻهن جي فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي وارثن سان دلي همدردي ڪئي آهي.

وزير اعظم نيشنل ڊزازسٽر مينجمينٽ اٿارٽي کي هدايت ڪئي آهي ته عوام جي سهولت لاءِ بهترين اپاءُ ورتا وڃن.

وزير اعظم پاڻي ۽ بجلي واري وزارت کي به هدايت ڪئي ته کيس بجلي صورتحال کان آگاهه رکيو وڃي.

وزير اعظم اختيارين کي اها به هدايت ڪئي ته گرمي کان بچاءُ لاءِ عوام ۾ آگاهي مهم هلائي وڃي.

هن چيو ته متاثرن کي بهتر طبي سهولتون ڏيڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*