قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن جماعتن جي ميمبرز پاران اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف سخت احتجاج، واڪ آئوٽ

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن جماعتن جي ميمبرز اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف سخت احتجاج ڪرڻ بعد واڪ آئوٽ ڪيو ،  اڳواڻن چيو آهي ته لوڊشيڊنگ حڪومتي دعوائن جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن، گرمي ۽ لوڊشيڊنگ سبب ايترو جانيون ضايع ٿيڻ حڪومت جي نااهلي جو ثبوت آهي.

اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو، جنهن  ۾ ڪراچي ۾ گرمي سبب انساني جانيون ضايع ٿيڻ ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ تي اپوزيشن جي ميمبرز سخت احتجاج ڪيو.

جماعت اسلامي جا ميمبر لوڊشيڊنگ بند ڪريو جا بينر کڻي اسيمبلي جي چيمبر آڏو بيهي رهيا.

پ پ ايم اين اي شازيه مري چيو ته حڪومت اقتدار ۾ اچڻ بعد دعويٰ ڪئي هئي ته 6 مهينن اندر لوڊشيڊنگ ختم ڪئي ويندي پر 3 سال گذرڻ وارا آهن، لوڊشيڊنگ گهٽجڻ بدران وڌي رهي آهي.

شازيه مري چيو ته رمضان مبارڪ جي ڀلاري مهيني ۾ به سحري ۽ افطار دوران به بجلي جي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي.

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو ته گرمي ۽ لوڊشيڊنگ سبب انساني جانيون ضايع ٿي رهيون آهن، پر حڪومت جي ڪن تي جونءَ به نٿي چـُري.

شاهه محمود قريشي چيو ته گرمي سبب 150 کان وڌيڪ ڪراچي ۾ جانيون ضايع ٿي رهيون آهن، کيس فون اچي رهيا آهن ته ٿر پارڪر ۾ 16 جون کان بجلي بند آهي، ڏڪار سٽيل علائقن ۾ بجلي بند ڪئي پئي وڃي، جتي اڳ ئي ماڻهو پاڻي ڍڪ لاءِ ترسي رهيا آهن.

جماعت اسلامي جي ميمبر طار الله چيو ته مالاڪنڊ ۾ 22 ڪلاڪن کان بجلي بند آهي، حڪومت قبائلي علائقن سان زيادتيون بند ڪري.

اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته سڄي ملڪ ۾ بدترين لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، ڪراچي ۾ قهر جي گرميءَ سبب 200 کان جانيون ضايع ٿيون آهن پر حڪومت ايوان ۾ وضاحت ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، چيو وڃي ٿو ته وزير موجود ناهي.

خورشيد شاهه چيو ته بدترين لوڊشيڊنگ حڪومت جي نااهلي جو چٽو ثبوت آهي، بجلي جي اڻ اعلانيل بندش اپوزيشن کي متحد ڪري ڇڏيو آهي.

شاهه محمود قريشي چيو ته حڪومت جي نااهلي سبب پهريون ڀيرو ايتريون جانيون ضايع ٿيون آهن، حڪومت ٻن سالن دوران لوڊشيڊنگ جي خاتمي تي ڪو به ڌيان نه ڏنو آهي، سرڪلر ڊيٽ وڌي ويو آهي پر حڪومت جي ترجيحن ۾ ڪجهه ميگا پراجيڪٽ آهن، عوام حڪومتي ترجيحن ۾ شامل ئي ناهي.

ايم ڪيو ايم جي رشيد گوڊيل چيو ته ڪراچي ۾ ٽن ڏينهن دوران ڏيڍ سئو کان وڌيڪ جانيون ضايع ٿيون آهن، حڪومتي اعلانن باوجود لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*