موسميات کاتي سڀاڻي کان ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ڊويزنن ۾ برسات جو سلسلو شروع ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو

سنڌ ۾ قهر جي گرمي جو سلسلو جاري آهي، منجهند 12هين وڳي ڪراچي ۾ گرمي پد 39سينٽي گريڊ رهيو، موسميات کاتي موجب اڄ گرمي جي شدت برقرار رهندي، سڀاڻي کان برسات جا امڪان آهن، چوماسي کان اڳ واريون هوائون گهلڻ بعد گرمي جي شدت ۾ گهٽتائي ٿيندي.

گذريل ٽن ڏينهن کان جاري گرمي جو سلسلو اڄ به جاري آهي، منجهند 12 ڏهين وڳي ڪراچي ۾ گرمي پد 39، حيدرآباد ۾ 38، جيڪب آباد، دادو، نوابشاهه، لاڙڪاڻو ۽ سکر ۾ 40 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ سڀاڻي به گرمي جي شدت برقرار رهندي، اڄ ڪراچي ۾ گرمي پـَــد 40 کان 42 سينٽي گريڊ تائين رهندو پر گِــــهم ۽ ٻـُوسـَٽ سبب ان جي شدت 47 ۽ 48 سينٽي گريڊ جهڙي محسوس ٿيندي.

موسميات کاتي موجب سڀاڻي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ چوماسي کان اڳ واريون هوائون گهلڻ شروع ٿيڻ بعد گرمي جي شدت ۾ گهٽتائي جا امڪان آهن.

موسميات کاتي موجب سڀاڻي کان ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص ۽ سکر ڊويزنس ۾ برسات جو سلسلو شروع ٿيڻ جا امڪان آهن.

Comments

  1. shakeel
    shakeel 22 June, 2015, 10:10

    Hin waqat shadeed garmi ahy.

    Reply this comment

Write a Comment

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*