ڪراچي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جي ذميوار پيپلز پارٽي آهي، عابد شير علي

پاڻي ۽ بجلي جي مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته ڪراچي ۾ بجلي جي لوڊ شيڊنگ جي ذميوار پيپلز پارٽي آهي، ڪي اليڪٽرڪ معاهدي جي تجديد نه ڪئي آهي، ضرورت پوڻ تي انتظام پاڻ سنڀالي وٺبو، ڪٿي به جبري لوڊ شيڊنگ نه پئي ٿئي.

اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عابد شير علي چيو ته سخت گرمي سبب بجلي جي طلب وڌي 21 هزار 500 ميگاواٽ ٿي وئي آهي، جنهن کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ۾ بجلي جي پيداوار کي وڌائي 16300 ميگاواٽ تائين آندو آهي، جيڪو سسٽم ۾ هيل تائين جو سڀ کان رڪارڊ اضافو آهي پر هرو ڀرو مخالف بجلي جي بحران کي حڪومت جي ڳچيءَ ۾ وجهي رهيا آهن.

عابد شير علي جو چوڻ هو ته ڪي اليڪٽرڪ کي پرويز مشرف پرائيوٽائيز ڪيو جڏهن ته ڪراچي ۾ بجليءَ جي بحران جي اصل ذميوار پيپلز پارٽي آهي.

هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ معاهدي جي تجديد به نه ڪئي آهي، ضرورت پوڻ تي ڪي اليڪٽرڪ کي ٽيڪ اوور ڪري وٺبو.

هن چيو ته خيبر پختونخواهه جي حڪومت کي طئي ٿيل لوڊ ڏئي رهيا آهيون، جڏهن ته لوڊ مينجمينٽ ڪي پي ڪي حڪومت پنهنجي ذمي کنيو آهي ۽ ڪي پي ڪي ۾ جٿي به لوڊ شيڊنگ ٿي رهي آهي، ان جو ذميوار بجلي کاتو نه پر اتان جي صوبائي حڪومت آهي.

هن چيو ته ملڪ ۾ پوڻا ست لک ٽرانسفارمرز کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي، جڏهن ته هڪ ٽرانسفارمر کي تبديل ڪرڻ ۾ 12 کان 14 ڪلاڪ لڳي وڃن  ٿا.

هن چيو ته ٽرانسفارمر جي سڙي وڃڻ کي به لوڊ شيڊنگ سان تشبيهه ڏني وڃي ٿي.

عابد شير علي بجلي جي شڪايتن جي حوالي سان پنهنجو هڪ ذاتي نمبر به ڏنو، جيڪو ملائڻ تي بجلي وانگي بند نڪتو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*