وزيراعظم جي هدايت تي اين جي اوز جي سيڪٽر جون ذميواريون گهرو وزارت سنڀالي رهي آهي، چوڌري نثار

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته وزير اعظم جي هدايت تي اين جي اوز جي سيڪٽر جون ذميواريون گهرو وزارت سنڀالي رهي آهي، سيو دي چلڊرين نالي اين جي او تان پابندي وارو فيصلو واپس وٺڻ جي حوالي سان ميڊيا رپورٽس غلط آهن، انهي تنظيم کي ڇهن مهينن جي عبوري اجازت سان محدود پئماني تي ڪم جاري رکڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، جڏهن ته ملڪ اندر ڪم ڪندڙ هزارين اين جي اوز جي هاڻي کانپوءِ ڪڙي نگراني ڪئي ويندي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو ته ملڪ اندر هزارين اين جي اوز ڪم ڪري رهيون آهن، جن مان 40 سيڪڙو غير رجسٽرڊ آهن، جڏهن ته ڪيترين اين جي اوز جي فنڊنگ ۽ ڪم ڪار جي هاڻي اسڪروٽني ٿيندي، جنهن کانپوءِ انهن کي ڪم جاري رکڻ يا نه رکڻ جي اجازت ڏني ويندي.

هن چيو ته ملڪ ۾ سٺي ساک واريون به ڪيتريون ئي اين جي اوز آهن، جن جي ڪم کي رياست ساراهي ٿي ۽ انهن سان تعاون برقرار رکيو ويندو پر انهن جي آڙ ۾ اهڙي ڪنهن به اين جي او کي ڪم ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، جيڪا ملڪي مفاد خلاف ڪم ڪري رهي هجي.

هن چيو ته تازو افريڪي بيسڊ ٻه تنظيمون گڏيل قومن ۾ پاڻ مٿان پاڪستان اندر مڙهيل پابندي خلاف دانهي ٿيون ۽ اتي اسرائيل –انڊيا ۽ امريڪا انهن جي حمايت ڪئي، اسرائيل ۽ انڊيا جو انهن تنظيمن جي حمايت لاءِ اڳتي اچڻ ثابت ڪري ٿو ته دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي.

هن چيو ته هن جي اڳي واري اين جي او بابت ڳالهه ٻولهه کي 10 سيڪڙو اخبارن غلط رپورٽ ڪري اهو لکيو ته سيو دي چلڊرين کي ڪم کان روڪڻ وارو فيصلو ختم ڪيو ويو آهي پر مان توهان کي پهريون ڀيرو واضح طريقي سان ٻڌايان ته گذريل 10 ڏينهن کان سيو دي چلڊرين سان جيڪي ڳالهيون جاري هيون، انهن ۾ اهو طئي ٿيو آهي ته انهن کي ڇهن مهينن جي عبوري اجازت ڏئي رهيا آهيون ۽ سندن 73 مان رڳو 13 آفيسن کي کليل رکڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.

هن چيو ته هو واضح ڪري رهيو آهي ته وزير اعظم جي هدايت تي هاڻي کانپوءِ اين جي اوز جي سموري نيٽ ورڪ کي گهرو وزارت پاڻ ڏسندي ۽ ان سلسلي ۾ نئين قانونسازي تي عمل ڪرايو پيو وڃي.

هن چيو ته سيو دي چلڊرين سميت ڪنهن به اين جي او کي سڪيورٽي خطرن وارن هنڌن، فاٽا، گلگت-بلتستان ۽ ٻين هنڌن تي ڪم جي اجازت نه هوندي ۽ جيڪڏهن بنا اجازت ڪا تنظيم ڪنهن سرگرمي ۾ ملوث ڏٺي وئي ته ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*