پ پ جو ڪنهن سان به جهيڙو ناهي، شرجيل انعام ميمڻ

سنڌ اسيمبلي جو بجيٽ اجلاس اڄ به ڌمڪين، گوڙ ۽ الزامن جي ور چڙهيل رهيو، متحده ميمبرز صوبائي وزير جاويد ناگوري جي تقرير تي سخت احتجاج ڪيو، صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ۽ پ پ جي پارليامياني اڳواڻ نند ڪمار گوڪلاڻي هڪ ٻئي تي ڌمڪيون ڏيندي نظر آيا.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ شروع ٿيو، جنهن دوران متحده ميمبرز ڪراچي ۾  بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ سخت گرمي سبب ڏيڍ  100 کان وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ تي سخت احتجاج ڪيو.

متحده ميمبرز چيوته شهرين جي موت جا ذميوار خواجه آصف ۽ عابدشير علي آهن، جن خلاف ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي.

صوبائي وزير جاويد ناگوري متحده کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيوته هڪ ايم پي اي ڀارت مان ٿيل لڏپلاڻ کي حضور صلي الله وآله وسلم پاران مڪي کان مديني طرف ڪيل هجرت سان ڳنڍيو آهي.

هن چيو ته ڀارت کان پنجاب لڏي ايندڙ ماڻهو پاڪستاني بڻجي ويا، پر سنڌ ايندڙ ماڻهو اڄ به پاڻ کي سنڌي بدران مهاجر سڏين ٿا ۽ اهي ٻڌائين جنهن ڌرتي اوهان کي پناهه ڏني ان جا ڇو نه ٿيا آهيو.

جاويد ناگوري جي بيان تي متحده ميمبرز سخت احتجاج ڪيو، جن کي ڊپي اسپيڪر شهلا رضا بار بار خاموش رهڻ جي هدايت ڪندي رهي.

اجلاس دوران صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته هاڻ جيڪو به بدمعاشي ڪندو اهو هاف فرائي ۽ ڦل فرائي ٿيندو، ڀلي اهو سردار يا بااثر ڏوهاري ڇو نه هجي.

شرجيل ميمڻ چيو ته سڀني کي خبر آهي، نيٽو جا ڪنٽينر شڪارپور ۾ ڪنهن جي ڳوٺ مان مليا هئا.

شرجيل ميمڻ چيو ته پ پ جو ڪنهن سان به جهيڙُو ناهي، هو ڪنهن کان به نٿا ڊڄن ۽ ڊڄڻ انهن کي گهرجي، جن دهشتگردن سان مفاهمت ڪئي.

صوبائي وزير چيو ته شهريار مهر جو نظريو رڳو اقتدار آهي،چار مهينا اڳ شهريار مهر ۽ شيرازي ڀائر پ پ شامل ڪرڻ لاءِ منٿون ڪندا رهيا جيڪڏهن اڄ به کين وزارتون ڏيون ته اچي پيرين پوندا.

شرجيل ميمڻ  چيو ته ملازمن جي حاضري يقيني بڻائڻ لاءِ بائيو ميٽرڪ سسٽم لڳايو پيو وڃي ۽ هزارين گوسڙو ملازمن کي فارغ ڪيو ويو آهي.

اجلاس دوران شرجيل ميمڻ ۽ نند ڪمار گوڪلاڻي هڪ ٻئي ته اولرون ڪرڻ سبب دڙڪا ڏنا، نند ڪمار گوڪلاڻي شرجيل ميمڻ چيو ته هو ڪنهن کان نٿو ڊڄي جڏهن ته شرجيل ميمڻ چيو ته هو کيس ڏسي وٺندو.

اجلاس دوران صوبائي وزير روبينا قائمخاني چيو ته هنن ڪڏهن ته آمرن آڏو گوڏا ناهن کوڙيا ۽ن واز شريف وساري ويٺو آهي ته هو اڄ پ پ جي ڪري ايوان ۾ موجود آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*