ٽن ڏينهن جي گرمي کانپوءِ ڪراچي جي ڪجهه علائقن ۾ برسات سان ماڻهن جا مک ٻهڪي پيا

ٽن ڏينهن جي گرمي کانپوءِ ڪراچي جي ڪجهه علائقن ۾ برسات سان ماڻهن جا مک ٻهڪي پيا، سنڌ جي ٻين شهرن ۾ گرمي جي شدت برقرار آهي، موسميات کاتي اڄ ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ چوماسي کان اڳ واري برسات پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

ڪراچي جي ناظم آباد، نارٿ ناظم آباد، اورنگي ٽائون،گلشن اقبال ۽ ٻين علائقن ۾ برسات سبب ماڻهن جا مک ٻهڪي پيا ۽ ماڻهو گهرن مان نڪري آيا.

ڪراچي ۾ 41 تائين پهتل گرمي پد ۾ گهٽتائي اچڻ شروع ٿي وئي، سنڌ جي ٻين شهرن ۾ قهر جي گرمي جو سلسلو جاري آهي.

منجهند 2 وڳي جيڪب آباد، دادو، نوابشاهه، لاڙڪاڻي ۽ سکر ۾ گرمي پد 42 ۽ حيدر آباد ۾ 41 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

بدين ۾ 36 ۽ ٺٽي ۾ 39 سينٽي گريڊ گرمي پد رڪارڊ ڪيو ويو آهي

اسلام آباد ۾ 38، ڪوئيٽا ۾ 33، لاهور 38  جڏهن ته 37 جڏهن ته سبي ۾ 42 سينٽي گريڊ گرمي پد رڪارڊ ڪيو ويو.

موسميات کاتي موجب اڄ کان ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص ۽ سکر ڊويزنس ۾ برسات جو سلسلو شروع ٿيڻ جا امڪان آهن موسميات کاتي موجب اڄ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ چوماسي کان اڳ واريون هوائون گهلڻ شروع ٿيڻ بعد گرمي جي شدت ۾ گهٽتائي جا امڪان آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*