قتل جا ذميوار پاڻ جاچ ڪرڻ لڳا ته پوءِ قانون جي ڪتابن کي باهه ڏني وڃي ڊاڪٽر طاهرالقادري

ماڊل ٽائون سانحي جـَي جاچ لاءِ جوڙيل گڏيل جاچ ٽيم اڄ کان جاچ جي شروعات ڪري رهي آهي، طاهر القادري جي آءِ ٽي کي رد ڪندي چيو آهي ته قتل جا ذميوار پاڻ جاچ ڪرڻ لڳا ته پوءِ قانون جي ڪتابن کي باهه ڏني وڃي.

ماڊل ٽائون سانحي جي جاچ لاءِ جوڙيل پنج رڪني ٽيم جي سربراهي سـِي سـِي پـِي او ڪوئيٽا رزاق چيما ڪندو، جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ ايس ايس پي شهزاد اڪبر، ڊي ايس پي خالد ابوبڪر، آءِ ايس آءِ ڪرنل احمد ۽ آءِ بي مان محمد علي شامل آهن.

جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم اڄ کان جاچ شروع ڪري رهي آهي، وزيراعظم نواز شريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سميت نامزد سمورن جوابدارن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويندا.

ڊاڪٽر طاهر القادري جاچ ٽيم کي رد ڪندي چيو آهي ته طاهر القادري جي آءِ ٽي کي رد ڪندي چيو آهي ته قتل جا ذميوار پاڻ جاچ ڪرڻ لڳا ته پوءِ قانون جي ڪتابن کي باهه ڏني وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*