سرگوڌا جي اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي لاپرواهي سبب تازا ڄاول 7 ٻارڙا فوت ٿي ويا شهباز شريف نوٽيس ورتو

سـَرگوڌا جـَي اِسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي مبينا لاپرواهي سبب تازا ڄاول 7 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن، اسپتال جـَي ايم ايس جو چوڻ آهي ته  اسپتال ۾ آندل ٻارڙن جي حالت اڳ ئي خراب هئي، جڏهن ته پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

سرگوڌا جي ڊسٽرڪٽ ٽيچنگ اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب تازا ڄاول ست ٻارڙا فوت ٿي ويا، اهڙي واقعي خلاف ٻارڙن جي وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ٻارڙن جي وارثن الزام هنيو آهي ته ڊاڪٽرن جي غفلت سبب ٻاررا فوت ٿيا آهن، ملوث عملي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

ٻارڙن جي وارثن چيو ته اسپتال ۾ آڪسيجن جي کوٽ هئي، ڊاڪٽرن کي ڪيترائي ڀيرا آگاهه ڪرڻ باوجود مسلسل لاپرواهي کان ڪم ورتو ويو.

هوڏانهن ڊسٽرڪٽ ٽيچنگ اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر اقبال سميع جو چوڻ آهي ته اسپتال ۾ آندل ٻارڙن جي حالت اڳ ئي خراب هئي، واقعي جي جاچ لاءِ ٽي رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي.

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

شهباز شريف هدايت ڪئي  آهي ته واقعي ۾ ملوث ذميوارن جو تعين ڪري ڪارروائي ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*