ملڪ رياض سنڌ ۾ گرمي سبب فوت ٿيلن جي وارثن لاءِ امداد جو اعلان ڪري ڇڏيو

بحريا ٽائون جي سربراهه ملڪ رياض سنڌ ۾ گرمي سبب فوتين جي وارثن لاءِ 5-5 لک رپيا امداد جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته ملڪ رياض پاران شڪارپور سانحي ۽ ٿر متاثرن لاٰءِ اعلانيل امداد تي اڄ تائين عمل نه ڪيو ويو آهي.

ملڪ رياض گرمي سبب فوت ٿيل ماڻهن جي وارثن لاٰءِ 5-5 لک امداد جو اعلان ڪندي صحت کاتي بدران گورنر هائوس کان فوتين جا تفصيل طلب ڪيا آهن.

ملڪ رياض شڪارپور سانحي ۽ ٿر ۾ڏڪار متاثرن لاءِ به امداد جو اعلان ڪيو هو پر ان تي اڄ تائين عمل نه ٿي سگهيو آهي.

Comments

  1. hassan ali magsi
    hassan ali magsi 23 June, 2015, 21:25

    vir good news hassan magsi karachi 03003607713

    Reply this comment

Write a Comment

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*