ڪراچي ۾ سخت گرمي سبب وڏي وزير سيد قائم علي شاهه اڄ سرڪاري آفيسن ۾ موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي ۾ سخت گرمي سبب وڏي وزير سيد قائم علي شاهه اڄ سرڪاري آفيسن ۾ موڪل جو اعلان ڪيو آهي.

وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيف سيڪريٽري سنڌ سان رابطو ڪري کيس هدايت ڪئي ته ڪراچي ۾گرمي سبب سرڪاري آفيسن ۾ موڪل ڪئي وڃي.

وڏي وزير اهو به چيو آهي ته ڊاڪٽرز، پيرا ميڊيڪل عملو ۽ ٻين امدادي ادارن جاملازم ڊيوٽي تي موجود هوندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*