سکر ۾ بجلي جي 12 کان 16 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ خلاف شهري اتحاد تي سڏ تي شهرين پاڻ کي علامتي ڦاهيون ڏئي احتجاج ڪيو

سنڌ ۾ سخت گرمي  ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل  لوڊشيڊنگ عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي، مختلف شهرن ۾ لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

سکر ۾ بجلي جي 12 کان 16 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ خلاف شهري اتحاد تي سڏ تي شهرين پاڻ کي علامتي ڦاهيون ڏئي احتجاج ڪيو.

دادو ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف شهرين عبدالنبي گوپانگ، فتح محمد جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ميرپور بٺورو ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ سڙي ويل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف شهرين پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

کپري ۾ بجلي ڊگهي لوشيڊنگ خلاف شهرين گرڊ اسٽيشن جو گهيراءُ ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

عمرڪوٽ، واهي پانڌي، ملڪاڻي شريف ۽ ٻين شهرن ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.

 احتجاج ڪندڙن چيو ته رمضان جهڙي ڀلاري مهيني ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ گهٽائڻ بدران وڌائي وئي آهي، جنهن سبب عوام جي زندگي عزاب بڻيل آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته سخت گرمي ۾ بجلي جي لوڊشيدنگ تي ضابطوآڻي عوام کي مشڪلاتن کي بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*