سنڌ ۾ گرمي سبب ماڻهن جي فوت ٿيڻ جا ذميوار وزير اعظم ۽ پاڻي ۽ بجلي واري وزارت آهن، سيد مراد علي شاهه

سنڌ جي ناڻي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ ۾ گرمي سبب ماڻهن جي فوت ٿيڻ جو ذميوار وزير اعظم ۽ پاڻي بجلي واري وزير کي قرار ڏيندي چيو آهي ته وفاقي سرڪار سنڌ کي اهميت نه پئي ڏي ۽ ڪي اليڪٽرڪ سنڌ هڪ به نه ۽ وفاق جا 3 نمائندا ويٺل آهن.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرن ڪندي سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪي اليڪٽرڪ کي خانگائڻ جو معاهدو 2005 ۾ ٿيو ۽ سنڌ حڪومت کي هيل تائين معاهدي جي ڪاپي به نه ڏني وئي آهي.

هن چيو ته  ڪراچي ۾ بجلي فراهم ڪرڻ ڪي اليڪٽرڪ جي ذميواري آهي، جنهن جا 1450 فيڊر آهن ۽ ان مان 1350 فيڊرز جي مرمت نه ٿي آهي.

هن چيو ته خواجه آصف هڪ به واعدو پورو نه ڪيو آهي ۽ سنڌ ۾ ماڻهن جي فوت ٿيڻ جا ذميوار وزير اعظم ۽ پاڻي ۽ بجلي واري وزارت آهن.

سيد مراد علي شاهه  چيو ته وفاقي سرڪار سنڌکي اوليت نه پئي ڏي ۽ سنڌ ۾ 20-20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿيڻ تي آصف زرداري وزير اعظم کي خط لکيو.

سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي ۾ بجلي فراهم ڪرڻ ۾ ڪي اليڪٽرڪ ناڪام ثابت ٿي آهي ۽ سخت گرمي ۾ ماڻهن جو مڇرجي پوڻ اڻٽر هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*