ڪراچي ۾ شديد گرمي سبب مراد علي شاهه جي پريس ڪانفرنس دوران هڪ نجي ٽي وي چينل جو ڪئميرامين بيهوش ٿي ويو

ڪراچي ۾ گرمي سبب ماڻهن جي فوت ۽ بيهوش ٿيڻ جو سلسلو بند نه ٿيو آهي، صوبائي وزير مراد علي شاهه جي پريس ڪانفرنس دوران هڪ نجي ٽي وي چينل جو ڪئميرا مين بيهوش ٿي ويو.

سيد مراد علي شاهه سنڌ ۾ گرمي سبب ماڻهن جي فوت ٿيڻ واري معاملي تي پريس ڪانفرنس ڪري رهيو هو ته هڪ نجي ٽي چينل جو ڪئميرا مين بيهوش ٿي ويو، جنهن کانپوءِ فوري طور ڊاڪٽر کي طلب ڪيو ويو.

 ڪئميرا مين جي بيهوش ٿيڻ تي اتي موجود صحافين  چيو ته گرمي جا اثر هتي به ظاهر ٿي رهيا آهن، جنهن کانپوءِ صوبائي وزير پريس ڪانفرنس اڌ ۾ ڇڏي هليو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*