بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب ماڻهو بي حال آهن، پرويز خٽڪ

خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب ماڻهو بي حال آهن، حڪومت اربين رپيا ميٽرو بس منصوبي تي خرچ ڪرڻ ۾ مصروف آهي.

ڪي پي ڪي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي پرويز خٽڪ چيو ته ملڪ ۾ گرمي ۽ بدترين لوڊشيڊنگ سبب انساني جانيون ضايع ٿي رهيون آهن.

هن چيو ته جيستائين ملڪ ۾ بجلي بحران حل نٿو ٿئي تيستائين ڪي پي ڪي اسيمبلي جا سمورا ايئرڪنڊيشنز بند رکيا ويندا.

پرويز خٽڪ چيو ته وفاقي حڪومت رڳو پنجاب کي نوازڻ ۾ رڌل آهي، وزير اعظم ملڪ مان بجلي بحران ختم ڪرڻ بدران غير ضروري خرچ ڪري رهيو آهي.

پرويز خٽڪ وڌيڪ چيو ته گرمي ۽ بدترين لوڊشيڊنگ سبب قيمتي انساني جانيون ضايع ٿي رهيون آهن، نواز شريف کي ڪجهه ته احساس ڪرڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*