ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ گرميءَ جي شدت سبب فوتين جو انگ 600 کان وڌي ويو

ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ چوٿين ڏينهن به گرميءَ جي شدت برقرار آهي، اڄ وڌيڪ 70 ڄڻن جي فوت ٿيڻ کان پوءِ ڪراچي ۾ فوتين جو انگ وڌي531 ٿي ويو آهي.

سول اسپتال ۾ رات کان هن وقت تائين 15 ماڻهن دم ڏنو جنهن بعد چئن ڏينهن اندر سول اسپتال ۾ فوتين جو  انگ 86 ٿي ويو.

 قطر اسپتال ۾ وڌيڪ چار ڄڻا فوت ٿي ويا.

 جناح اسپتال ۾ 45 مريضن دم ڏنو، جڏهن ته وڌيڪ ڪيترائي ماڻهو داخل ڪيا ويا آهن.

شديد گرمي سبب هزارين ماڻهو مختلف اسپتالن ۾ بي حال آهن جن جو علاج ڪيو پيو وڃي.

گذريل چئن ڏينهن دوران رڳو ڪراچي ۾ فوتين جو انگ 531 ٿي ويو آهي جڏهن ته سنڌ جي مختلف شهرن ۾ به هڪ سئو کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا آهن.

گذريل چئن ڏينهن دوران جناح اسپتال ۾ اڍائي سئو، سول اسپتال ۾ 71، لياري جنرل اسپتال ۾ 17، سنڌ گورنمينٽ اسپتال ۾ 8 خانگي اسپتالن ۾ هڪ سئو ٻه ، ڪامياڙي اسپتال ۾ 2 ماڻهو فوت ٿيا.

جناح اسپتال جي ترجمان سيمي جمالي چيو آهي ته گرمي سٽيل 3 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جو علاج ڪيو ويو.

حيدرآباد جي هالي روڊ واري علائقي ۾ هڪ نامعلوم شخص فوت ٿي ويو جنهن جو لاش ايڌي حوالي ڪيو ويو.

مڪلي جي اسپتال ۾ پيرسن حاجي رحيم جوکيو ۽ 8 ورهين جي نائله فوت ٿي ويا.

ٿاڻو بولا خان جي ڳوٺ ڪرچات ۾ 50 ورهين جو الهجڙيو برفت گرمي جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*