دهشتگردي ٽوڙ عدالت سني تحريڪ جي يارنهن ڪارڪنن کي 90 ڏينهن لاءِ رينجرز حوالي ڪري ڇڏيو

رينجرز، سني تحريڪ جي هيڊ آفيس تي ڇاپي دوران گرفتار ڪيل 11 جوابدارن جا تفصيل جاري ڪندي چيو آهي ته  جوابدار ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀتي خوري ۾ ملوث آهن، جڏهن ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت، سني تحريڪ جي يارنهن ڪارڪنن کي 90 ڏينهن لاءِ رينجرز حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

رينجرز، سني تحريڪ جي هيڊ ڪواٽر معين پلازه تي ڇاپي دروان گرفتار ڪيل يارنهن جوابدارن جا تفصيل جاري ڪندي چيو آهي ته هڪ جوابدار عالم پندرنهن ۽ جواد چوڏنهن ڄڻن کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي.

رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀتا خوري ۽ لينڊ گريبنگ ۾ ملوث آهن.

رينجرز پاران گرفتار ڪيل يارنهن جوابدارن کي ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جن کي عدالت 90 ڏينهن لاءِ رينجرز حوالي ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*