سنڌ جا سمورا شهر صحت جي حوالي سان هڪ ئي ترجيح ۾ آهن، ڄام مهتاب ڏهر

صحت واري وزير ڄام مهتاب ڏهر چيو آهي ته 2009ع ۾ اسپتالن کي فراهم ڪيل سامان ناقص هو، ڪيتريون ئي ايڪسري مشينز لڳڻ وقت ئي ناڪاره هيون، جيڪي مرمت جي نالي تي هٽايون ويون پر اڄ تائين واپس نه ٿيون آهن.

سنڌ اسيمبلي ۾ ڪراچي سميت پوري سنڌ اندر گرمي سبب ماڻهن جي فوت ٿيڻ واري معاملي تي ڳالهائيندي ڄام مهتاب چيو ته ايس آءِ يو ٽي ۾ صحت جون 6 اسڪيمون هلي رهيون آهن.

هن چيو ته اهو عالمي رڪارڊ آهي ته هڪ اسپتال ۾ پنج هزار ٽرانسپلاٽيشن آپريشن ڪيا ويا.

ڄام مهتاب جو چوڻ هو ته سنڌ جا سمورا شهر صحت جي حوالي سان هڪ ئي ترجيح ۾ آهن.

صوبائي وزير چيو ته سندن ڪوشش آهي ته سمورن شهرن ۾ صحت جون هڪ جهڙيون سهوليتون ميسر ڪيون وڃن.

هن چيو ته 2009 ۾ نيون ايڪسري مشينيون انسٽال ڪيون ويون جن مان ڪيتريون ئي ناقص نڪري پيون.

صوبائي وزير چيو ته ناقص مشينريون مرمت جي نالي تي هٽايون ويون جيڪي اڄ تائين واپس نه ڪيون ويون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*