ڪراچي جي احتساب عدالت منظر عباس کي 10 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو

ڪراچي جي احتساب عدالت پيپلز هائوسنگ سيل جي گرفتار ڊائريڪٽر منظر عباس کي 10 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو، عدالت چيو آهي ته ڪو وڌيڪ ريفرنس هجي ته به  10 ڏينهن اندر ئي ريمانڊ ورتو وڃي.

ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ پيپلز هائوسنگ سيل جي ڊائريڪٽر منظر عباس کي پيش ڪيو ويو، عدالت ڪشمور ۾ بينظير هائوسنگ اسڪيم ۾ 36 ڪروڙ رپين جي گهوٻين واري ڪيس ۾ کيس 10 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي نيب حوالي ڪيو.

عدالت چيو ته جوابدار خلاف ڪو وڌيڪ ريفرنس هجي ته به 10 ڏينهن اندر ئي ريمانڊ ورتو وڃي، انکانپوءِ وڌيڪ ريمانڊ نه ڏنو ويندو.

ان موقعي تي نيب جي وڪيل ميڊيا کي ٻڌايو ته منظر عباس خلاف 5 ريفرنس داخل آهن، جن مان کيس رڳو هڪ ريفرنس ۾ گرفتار ڪيو ويو، ٻن ۾ سندس ضمانت ٿيل آهي، 2 اڃا رهيل آهن.

منظر عباس جي وڪيل جو چوڻ هو ته سندس اصيل پنهنجي خلاف ريفرنسز ۾ اڳواٽ ئي ضمانت ڪرائي پر ڳجهه ڳوهه ۾ وڌيڪ ريفرنس داخل ڪيا ويا.

هن خدشو ظاهر ڪيو ته منظر عباس خلاف سياسي انتقام طور وڌيڪ ڪيس به داخل ڪيا ويندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*