ڪراچي جي عدالت ايگزيڪٽ جي سي اي او شعيب شيخ سميت پنجن جوابدارن کي اسلام آباد منتقل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

ڪراچي جي عدالت جعلي ڊگريون ڏيڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل ايگزيڪٽ جي سي اي او شعيب شيخ سميت پنجن جوابدارن کي اسلام آباد منتقل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

ايف آءِ اي طرفان ڪراچي جي سيشن جج سائوٿ جي عدالت ۾ شعيب شيخ سميت پنجن جوابدارن کي اسلام آباد منتقل ڪرڻ جي درخواست داخل ڪرائي هئي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته جعلي ڊگري ڪيس ۾ ايگزيڪٽ جي سي اي او شعيب شيخ سميت ٻين جوابدارن کان پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي تنهنڪري کين اسلام آباد منتقلي جي اجازت ڏني وڃي.

عدالت ايف آءِ اي جي درخواست ٻڌڻ کان پوءِ پنجن کي جوابدارن کي اسلام آباد منتقل ڪرڻ جي اجازت ڏني.

ايگزيڪٽ جي سي اي او سميت پنج ئي جوابدارن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا اسلام آباد ۾ ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*